لوڪرام ڏوڏيجا

ڏوڏيجا، لوڪرام: جهونو صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجا، 4 نومبر 1907ع تي شڪارپور، سنڌ ۾ پيسو مل ڏوڏيجا جي گهر ۾ پيدا ٿيو. لوڪرام بنيادي تعليم شڪارپور مان ورتي. انهن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ ڪيترائي اسڪول هئا. 1918ع ۾ جڏهن لوڪرام ڏوڏيجا هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ان اسڪول جو هيڊ ماستر ديوان خوبچند چئناڻي هو. سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله به ان هيڊماستر وٽ پڙهيو هو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد لوڪرام پنهنجو اباڻو ڌنڌو يعني واپار وڙو شروع ڪيو. لوڪرام لاءِ مشهور آهي ته 1922ع ۾ جڏهن هُو تيرهن سالن جو نوجوان هو ته کيس ساڌو ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي دوست جي. وي. ڏيساڻيءَ سان گڏ، گهر ڇڏي هماليا جبلن ڏانهن روانو ٿي ويو، پر رستي تي بيمار ٿيڻ ڪري، ٻئي هردوار شهر ۾ ترسي پيا، جتي لوڪرام جو وڏو ڀاءُ کين ڳوليندو اچي نڪتو ۽ لوڪرام کي وٺي واپس شڪارپور آيو. لوڪرام ٻه شاديون ڪيون. پهرين 1930ع ۾ موهن داس منيال جي ڌيءَ بنسي منيال سان، جنهن مان فقط هڪ پٽ گرڌاري لعل ٿيس. ان جي لاڏاڻي بعد ٻي شادي مٿراداس روهڙا جي ڌيءَ ڪملا سان 1932ع ۾ ڪيائين. ڪملا مان کيس ست ٻار ٿيا، جن مان پرهلاد، ڀڳوان، راڻي، بنسيدر ۽ سرسوتي شڪارپور ۾ ڄاوا ۽ سڀدرا ۽ منوهر پوني ۾ ڄاوا.لوڪرام ڏوڏيجا جو والد، 1931ع ۾ وفات ڪري ويو. لوڪرام ابتدا ۾ الائيڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو. ان سان گڏوگڏ ’سنڌ اسٽيشنري مارٽ‘ نالي سان اسٽيشنريءَ جو ڪاروبار به جاري رکيائين. 1940ع ۾ پنهنجي ڀيڻوئي ڪرمچند، دوستن: ڪنيالال ۽ مسٽر وليچا سان گڏجي حيدرآباد ۾ انڊس گلاس فئڪٽري لڳايائين.لوڪرام ڪاميابيءَ سان ڌنڌو ۽ ڪارخانو هلايو، حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽريءَ ۾ 600 کن ماڻهو ڪم ڪندا هئا ۽ 250 قسم جون بوتلون ۽ گلاس ٺهندا هئا، جن جو وڪرو نه فقط سنڌ ۾ پر بمبئي، جوڌپور، اڌيپور، اجمير، ڪاٺياواڙ، گجرات، مدراس، دهلي، راولپنڊي، پشاور، افغانستان ۽ آفريڪا جي شهرن ۾ به ٿيندو هو. لوڪرام کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ مطالعي جو شوق پيءُ کان ورثي ۾ مليو هو، ان ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين ڪتابن جو مطالعو جاري رکيائين.
1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لوڪرام ڏوڏيجا، ڪراچيءَ مان لڏي ممبئيءَ اچي رهيو، جتي هن ڪاغذ جو واپار شروع ڪيو ۽ ’نوبل پيپر مارٽ‘ نالي ڪاغذ جي ٽريڊنگ ڪمپني شروع ڪئي. آهستي آهستي ان ڪمپنيءَ ترقي ڪئي ۽ هن ٻين مائٽن کي پاڻ سان شامل ڪري احمد آباد، سولاپور، سڪندرآباد ۽ پوني ۾ ڪمپنيءَ جون برانچون کوليون، بعد ۾ نوبل ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ممبئيءَ مان شفٽ ڪري پوني ۾ رکي وئي، جنهن کي سندس پٽ گرڌاري لال ۽ ان جي لاڏاڻي کان پوءِ گرڌاري لال جو پٽ هريش هلائي ٿو. مختلف قسمن جي ڪاغذن جي وڪري کان سواءِ وٽن هندي، مرهٽي، انگريزي، گجراتي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپائي پڻ ٿئي ٿي. لوڪرام ڏوڏيجا پنج ڪتاب لکيا، اهي به وڏيءَ عمر ۾، پنجهتر سال گذرڻ بعد، پر سندس هڪ ڪتاب ’منهنجو وطن منهنجا ماڻهو‘ هند سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ ٻنهي هنڌان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ لوڪرام سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جانورن، ٿر جي نانگن ۽ بلائن، ريگستان جي مورن ۽ هرڻن، باز سان هرڻ جي شڪار جي طريقن، ڪوهستان جي مردن ۽ عورتن، سنڌ ۾ تيرٿن ۽ زيارتن، سنڌ جي شهرن، گهٽين ۽ حويلين جو ماحول، شڪارپور جي مانجهي مردن، سنڌي ٻولي ۽ ادب، هندو زالن، سنڌ جي مختلف کاڌن: بِهه، لوڙهه، پٻڻ، گيدوڙن، ليسوڙن، ڀنگ، بوڻينڊن، پاپڙن ۽ پڪوڙن جو ذڪر موجود آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ذاتين، ريتن رسمن ۽ رواجن، هنرن ۽ ڌنڌن، چورن ۽ ڌاڙيلن، ڪڃرين ۽ ڀڳتن بابت دلچسپ ڳالهيون شامل آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن سميت هر قسم جي سماجي ۽ ثقافتي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انڊيا ۾ پهرين ديوناگري سنڌيءَ ۾ ڇپيو، پنجن سالن بعد 1983ع ۾ عربي سنڌيءَ ۾ ڇپيو، ڏهن سالن بعد 1993ع ۾ هي ڪتاب سنڌ ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد (سنڌ) وارن پڻ ڇپرايو. لوڪرام ڏوڏيجا جا ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: (1) منهنجو وطن منهنجا ماڻهو، (2) سڪار تو سفر (سفرنامو: 1976ع)، (3) اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي (پهريون ڇاپو: 1980ع، ٻيو ڇاپو: 1985ع، انڊيا ۽ ٽيون ڇاپو 1997ع، سنڌ)، (4) ورهاڱي جون لڱ ڪانڊاريندڙ آکاڻيون، ۽ (5) مهاڀارت، وغيره. لوڪرام ڏوڏيجا جي وفات 1988ع ۾ ٿي. آخري ڏينهن ۾ هُو پيٽ جي تڪليف ڪري ڪڏهن گهر ته ڪڏهن اسپتال ۾ داخل ٿي ٿيو. دل جو مريض ته اڳ ئي هو. کيس 1982ع ۾ دل جو دورو پيو هو. ان کان علاوه هُو ڪجهه گهرو پريشانين ڪري به ڏکويل رهيو ٿي. خاص ڪري سندس وڏي پٽ گرڌاري لعل ۽ سندس وچ ۾ ڪجهه ذاتي ۽ ڪاروباري ضد پيدا ٿي پيا، ان ڪري 1975ع ۾ ئي هن ڪٽنب جي سڀني ڪمپنين کان رٽائرمينٽ ورتي هئي، پر جاين جڳهين ۽ ٻي پراپرٽيءَ تي هن جو پٽن سان ٺاهه ٿي نه سگهيو، جنهن جو کيس ڏاڍو ڏک رهيو.


لفظ لوڪرام ڏوڏيجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.11.04  عيسوي

جهونو صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجا، 4 نومبر 1907ع تي شڪارپور، سنڌ ۾ پيسو مل ڏوڏيجا جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گلڻ خان ڀنڊ
شبير تابش
سنتداس ڀاٽيه ناز
آچر خاصخيلي
اي بي راجپوت
شيخ عزيز
عـبـدالمجـيـد عـابـد قاضـي
در محمد ڪمال
اختر حفيظ
جمال الدين لانگاهه
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون